پير شاهه ڪوثر

پير شاهه ’ڪوثر ‘:حاجي پير شاهه ولد مهر شاهه رضوي ساهپوٽو، ميين شاهه عنايت جي اولاد مان هو. پهريائين ميرپورخاص کان چار ميل پري، سنگهڙيءَ لڳ، مڃري واهه تي ويٺل هو، پر پوءِ لڏي وڃي عمرڪوٽ جي ديهه هيدي ۾، هاڪڙي ڍوري جي ڪپ تي، پنهنجي زمين تي ويٺو. 1958ع ڌاري 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. هن ڪافيون، مداحون ۽ مولود چيا آهن. سندس چيل مداحن، مولودن ۽ ڪافين جو هڪ مجموعو 1916ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 21 ڪافيون شامل هيون. شاعريءَ ۾ ’ڪوثر‘ تخلص ڪم آڻيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو